ديوان سانگي جلد ٻيو

ديوان سانگي (جلد ٻيو): هيءُ ديوان نامور/ شاعر مير عبدالحسين سانگيءَ جي سنڌي غزلن جو ٻيو جلد آهي. پهريون ديوان 1901ع ۾ مڪمل ٿيو هو. 1901ع کان وٺي 1904ع 3 وارن ٽن سالن جي عرصي ۾ سانگيءَ جيڪي غزل چيا، تن کي ديوان جي ٻئي جلد ۾ مرتب ڪيائين. ديوان سانگيءَ جي ٻئي جلد ۾ 175 غزل آهن، جيڪي رديفن مطابق الف- ب وار ترتيب سان رکيل آهن. ديوان جو ديباچو مير عبدالحسين سانگيءَ خود لکيو آهي. سانگي جلد ٻيو'>ديوان سانگي جلد ٻيو، لاهور جي اسلاميه پريس مان 1904ع ۾ ڇپيو. ديوان جي ڪچي جلد جي قيمت هڪ رپيو آهي. هي ساڳيو ديوان ’ڪليات سانگي‘ (مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان) ۾ به موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو